ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ 19 سالن جي ناري جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. 19 ورهين جي سونيا ميگھواڙ جي اغوا جو ڪيس سندس ماء شريمتي مينا ميگهواڙ جي فرياد تي ڪوٽڙيٿاڻي تي 4 جوابدارن رحيم يار خان واسي غلام موسيٰ اعواڻ، مظهر علي، شوڪت عرف شوڪي اعواڻ ۽ عمرڪوٽ واسي مظهر علي تي داخل ڪيو ويو آهي، فريادڻ شريمتي مينا موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس ڌيءَ جيڪا ڪريم ڪاٽن مل ۾ ڪم ڪندي آهي، ان کي هوء ڊيوٽي تي ڇڏڻ ۽ وٺڻ پڻ ويندي آهي پر 6 جولاء تي جڏهن هوءَ پنهنجي ڌيءَ سونيا کي ڊيوٽي تان موڪل وقت وٺڻ وئي ته واپسي ۾ رستي تي مٿي ڄاڻايل جوابدار کيس هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا. کين هوءَ چڱي طرح سڃاڻي ٿي، جنهن بعد ڌيءَ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ راڄوڻي ڪوششون به ڪيون پر سندس ڌيءَ آزاد نه ٿي سگهي، شريمتي مينا فرياد ۾ ڄاڻايو آهي ته سندس ڌيءَ کي زنا ڪرڻ جي ارادي سان اغوا ڪيو ويو آهي، هن مطالبو ڪيو آهي ته ڌيءَ کي فوري بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.