ڪوٽڙي بئراج تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار

0
302
ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهين

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪوٽڙي بئراج تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار، وهڪرا وڌي 5 لک 99 هزار ڪيوسڪ ٿي ويا، گڊو بئراج ۽ سکر بئراج جي وهڪرن ۾ لاٿ جاري آھي

 سنڌوءَ جا وهڪرا گڊو وٽ 3 لک 89 هزار 454 ۽ سکر بئراج وٽ 4 لک 98 هزار 880 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيا ويا

Kotri Barrage - Wikipedia

چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج جو چوڻ آهي ته منڇر ۽ نئيُن جو پاڻي به سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آهي، ڪوٽڙ بئراج جي واهن ۾ 14 هزار 755 ڪيوسڪ ڇوڙ جاري آھي

ٻئي پاسي ايم اين وي ڊرين جا وهڪرا وڌڻ سان جوهي شهر جي رنگ بند تي دٻاءُ وڌي ويو آھي، جوهي ڪاليج ڀرسان بند کي لڳل روڻ ڳوٺاڻن بند ڪري ورتي آھي

 وڏي انگ ۾ شهري رنگ بند جي ڪمزور حصن کي مضبوط ڪرڻ ۾ رُڌل، ٻار به شهر بچائڻ لاءِ پنهنجي نازڪ ڪُلهن تي مٽيءَ سان ڀريل ٻاچڪا کڻندا رهيا

ھي به پڙھندا

سيوهڻ شهر کي بچائڻ لاءِ آبپاشي عملي منڇر کي باغِ يوسف آرڊي 14 وٽان ڪٽ ڏئي ڇڏيو

وزيراعظم شھباز شريف سکر کانپوءِ قمبر، شھدادڪوٽ پھچي ويو

ڀان سيدآباد: باغ يوسف وٽ ڪٽ ڏيڻ بعد منڇر جي پاڻي تباهي مچائي ڇڏي