ٿاڻو بولا خان (ن پ ا)ڪوھستان جي علائقي يوسي تونگ شريف ۾ زميندار پاران مبينا گار گند ڪرڻ تي نوجوان ھاري زھريلي جيت مار دوا پي ڇڏي نوجوان ھاري سومار پٽ ڀيمون ڪولھي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي اسپتال داخل ڪيو ويو . ابتدائي طبي امداد کان پوءِ حيدرآباد منتقل نوجوان جي مامي چندو ڪولھي مبينا الزام ھڻندي چيو ته منھنجو ڀاڻيج ڪجھه ڏينھن ڳوٺ ويو جئين واپس ٿيو ته زميندار قادر باريجو منھنجي ڀاڻيج کي گارگند ڪئي جنھن کان پوءِ زرعي زمين ۾ استعمال ٿيندڙ زھريلي دوا پي خود ڪشي جي ڪوشش ڪئي آھي. پوليس ٿاڻي تي لکت ۾ ڏئي چڪو آھيان ته منھنجي ڀاڻيج ڪجھ به ٿيو ته ان جو ذميوار زميندار قادر باريجو ھوندو.