خيرپور (رپورٽر) پ پ ايم پي اي نعيم کرل جي ويڳي ڀاءُ جو ڀائرن ۽ ڀائٽين خلاف احتجاج، انصاف مطالبو. خبر موجب پ پ ايم پي اي نعيم کرل جي ويڳي ڀاءُ تسليم کرل خيرپور ۾ سماجي تنظيم جي آفيس پهچي ڀائرن ۽ ڀائٽين جي زيادتين خلاف دانهيندي ٻڌايو ته والد، امان کي ديهه سائدي ۾ 400 ايڪڙ زمين لکي ڏني هئي، پر 10 سالن جي عمر ۾ مون کي نعيم کرل ۽ ٻين ڀائرن هيسائي صحيحون ورتيون ته آئون کانئن اٺوڳ نه گهرندس. اڳتي هلي جڏهن مون نعيم ۽ ٻين ڀائرن کان ملڪيت جو حصو گهريو ته هنن حصو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ مان خاندان جي عزت خاطر خاموش رهيس ۽ انتظار ڪندو رهيس پر هينئر هنن مون کي پنهنجو جائز حصو ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڊي آءِ جي شرجيل کرل جو ڀائٽيو مون کي چالان ڪرڻ جون ڌمڪيون پيو ڏئي، ڀائٽي فيصل دارا ڳوٺ وارن جي سامهون منهنجي مٿان بندوق تاڻي منهنجي 83 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ورتو آهي. هن چيو ته زمين جي معاملي تي ڳوٺ وارن جي سامهون ڪيترائي ڀيرا فيصلا به ٿي چڪا آهن پر ويڳا ڀائر قرآن شريف تي فيصلا ڪري به ڦري ويا آهن. هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي منهنجو جائز حصو مون کي ڏياريو وڃي ۽ تحفظ ڏنو وڃي.