ٿاڻوبولاخان (ن پ ا) ڪوھستان جو سياسي سماجي اڳواڻ ۽ ڄامشورو اتحاد جو مرڪزي اڳواڻ صالح محمد برھماڻي 73 ورھين جي ڄمار ۾ حيدرآباد ۾ پنھنجي رھائش گاھ تي لاڏاڻو ڪري ويو، ھو ڪيتري عرصي کان ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ھو، صالح محمد برھماڻي ڪوھستان ۾ سياسي سماجي حوالي توڙي ڀٽائي جو پارکو، غريبن جو ڀر جھلو ۽ سخاوت ۾ مشھور ھو، صالح محمد برھماڻي سياسي طور ڪوھستان جي سردار ملڪ اسد سڪندر سان سڌائين لاڳاپيل رھيو پر گذريل 2018 واري عام چونڊ کان اڳ ھو سياسي طور ملڪ اسد سڪندر کان ڌار ٿي ڄام شورو اتحاد ۾ شامل ٿيو ۽ 2018 واري اليڪشن ۾ ملڪ چنگيز خان، ڊاڪٽر سڪندر شورو ۽ جلال محمود شاھ جي حمايت ڪئي، صلاح محمد برھماڻي پ پ ڪو چيئرمين آصف زرداري جو ويجھو سمجھو ويندڙ شخصيت ھو. سندس تدفين اباڻي ڳوٺ ٿاڻوعارب خان ۾ ڪئي ويندي.