مٺياڻي (ن پ ا) مٺياڻي جي ملڪ محلا واسي ذوالفقار ملڪ جو نوجوان پٽ 18 سالن جو افتخار ملڪ صبح سوير موٽر سائيڪل تي چڙھي گھران نڪري شهر ويو جيڪو واپس گهر نه پهتو آھي وارثن پاران ڪافي ڳولا ڪرڻ جي باوجود ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو. وارثن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪجهه مهينا اڳ نوجوان جي امڙ جي انتقال ٿي وڃڻ کان پوءِ ذهني طرح پريشان رهندو هو هنن وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته نوجوان جي ڳولا ۾ سندن مدد ڪئي وڃي.