ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا 58 حياتيون کسي ورتيون، 4584 نوان ڪيس پهتا، ملڪ ۾ شرح 10.28 سيڪڙو رهي، صدر عارف علوي صحتياب ٿي ويو، جڏهن ته گهرو وزير شيخ رشيد ڪورونا ويڪسين جو ٻيو ڊوز لڳرايو، ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪورونا جا 348 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، ان ڏس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هن وقت 6993 مريضن جو علاج جاري آهي، جن مان 6651 گهرن ، 12 آئسوليشن مرڪزن ۽ 330 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 303 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 39 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ 147، حيدرآباد ۾ 60، مٽياري ۾ 13، ٺٽي ، لاڙڪاڻي ۽ قمبر ۾ 12-12، ٽنڊي الهيار ۾ 11، گهوٽڪي ۾ 10، خيرپور ۾ 9، بدين ۽ ميرپورخاص ۾ 8-8، عمرڪوٽ ۾ 7، جيڪب آباد، سانگهڙ ۽ سجاول ۾ 5-5، دادو ۽ شڪارپور ۾ 4-4، ڄامشوري ۽ نوابشاهه ۾ 3-3، ڪشمور ۾ 2 رپورٽ ٿيا آهن. هوڏانهن گولاڙچي جي نجي اسڪول جي ٽن شاگردن شاھجھان، نظام قاضي ۽ اسامه آرائين کي ڪورونا ھجڻ جي تصديق کانپوءِ اسڪول کي 15 ڏينھن لاءِ سيل ڪيو ويو آھي، سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي 10 ڏينهن اندر ڪورونا ويڪسين جا اگهه مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اين سي او سي کي هن وقت تائين شهرين کي لڳائي ويندڙ ويڪسينز بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه روسي ويڪسين Sputnik-V بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران اسسٽنٽ اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت هن وقت تائين ڪورونا ويڪسين جو اگهه مقرر ناهي ڪري سگهي. ان موقعي تي ڊريپ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته حڪومتي ايس آر او خلاف آيل عدالتي اسٽي اگهه مقرر ڪرڻ ۾ رڪاوٽ آهي، ان موقعي تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان ڪابينا جي رهنمائي ڇو نه ڪئي؟ عدالت اگهه مقرر ڪرڻ کان ناهي روڪيو، اين سي اوسي 15 سيڪرو کان مٿي ڪورونا شرح رکندڙ پنجاب جي 9 شهرن ۾ مڪمل لاڪ ڊائون لڳائڻ واري سفارش رد ڪري ڇڏي، هوڏانهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 16 مئي تائين معمول جا سمورا ڪيس ملتوي ڪري ڇڏيا، هوڏانهن پاڪستان جرمني مان ڏيڍ ڪرُڙ ويڪسين گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي