اسلام ڪوٽ (ن پ ا) ٿرڪول بلاڪ ون تي ملازمت ڪندڙ سيفٽي آفيسر 27 ورهين جو نوجوان هريش ڪمار ولد ڪرشن لال کوکر پراسرار نموني فوت ٿي ويو. ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته ڳوٺ ويڙهيجهپ واسي نوجوان هريش تازوئي ٿرڪول بلاڪ ون ۾ ملازمت شروع ڪئي هئي. ٿرڪول تي ڪورنٽائين ۾ رهڻ دوران نوجوان جي اوچتو طبيعت خراب ٿي پئي، جنهن کي علاج لاءِ اسلام ڪوٽ اسپتال آندو پئي ويو ته هو وچ رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو،انهي سلسلي ۾ فوتي نوجوان جي عزيزن پاران سوشل ميڊيا تي ٿرڪول تي ڪم ڪندڙ ڪمپني انتظاميه تي سخت تنقيد ڪندي الزام هنيو پيو وڃي ته فوتي نوجوان فون تي پنهنجي هڪ عزيز کي ٻڌايو ته هتي ماني تمام خراب ڏني وڃي ٿي ۽ مقرر آفيسر جو رويو به ٺيڪ نه آهي. اهو به الزام هنيو ويو آهي ڪورونٽائين دوران نوجوان جي طبيعت اوچتو خراب ٿي پئي ته هن پنهنجي لاڳاپيل آفيسرن کي آگاھ ڪيو ۽ علاج لاء موڪل گهري پر هن جو نه علاج ڪرايو ويو ۽ نه ئي ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ڏني ويئي، جنهن سبب هن جي طبيعت گهڻي خراب ٿي جنهن بعد هن کي علاج لاء اسلام ڪوٽ ڏانهن آندو ويو پر تيستائين دير ٿي چڪي هئي نوجوان فوت ٿي ويو. هوڏانهن رابطي تي ڊيوٽي ڊاڪٽر عمران ٻڌايو ته نوجوان اسپتال پهڇڻ کان اڳ فوت ٿي چڪو هو.