ڪورونا کان بچاءُ لاءِ ويڪسين بعد ڪيپسول به تيار

0
488

واشنگٽن (دلچسپ نيوز) ڪورونا کان بچاءُ لاءِ ويڪسين بعد ڪيپسول به تيار ٿي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب دوائون ٺاهيندڙ عالمي ڪمپني مرڪ ڪيپسول تيار ڪري ورتو آهي.

شروعاتي طوراهو ڪيپسول آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ رضاڪارن تي آزمايو ويو، اهو ڪيپسول ڪورونا ۾ ورتل 775 رضاڪارن کي ڏينهن ۾ 2 ڀيرا ڏنو ويو، لاڳيتو 5 ڏينهن اهوڪيپسول استعمال ڪندڙ مريض ٺيڪ ٿي ويا. ان حوالي سان مرڪ ڪمپني جي ترجمان جو چوڻ هو ته اهو ڪيپسول ڪورونا وائرس جي ڊيلٽا ويريئنٽ خلاف به موثر آهي جيڪو هن وقت ڪووڊ 19 جو سڀ کان وڏو سبب بڻيل آهي.