واٽس ايپ خودڪشي گروپ نينگري جي حياتي کسي ورتي

0
476

لنڊن (دلچسپ نيوز) واٽس ايپ خودڪشي گروپ نينگري جي حياتي کسي ورتي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانيا جي علائقي بين فيلڊ ويلي واري علائقي ۾ پراسرار واقعو پيش آيو، پوليس کي پورٽس ليڊ ڪرڪيٽ ڪلب ويجهو نوجوان نينگري جولاش مليو آهي جنهن جي سڃاڻپ ايمي نالي سان ڪئي وئي.

پوليس موجب نينگري ٽن نوجوانن سان واٽس ايپ خودڪشي گروپ ۾ چيٽنگ ڪئي، چيٽنگ دوران خودڪشي جي بهترين طريقن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته گروپ جي باقي ٽن ميمبرن به خودڪشي ڪري ڇڏي آهي پر انهن جا لاش ناهن مليا، ڳولا ڪئي پئي وڃي ٻئي طرف 20 ورهين جي ايمي جو لاش اسپتال آندو ويو، جٿي ڊاڪٽرن سندس خوڪشي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ايمي جو موت ساهه گهٽجڻ سبب ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته هو موت کان اڳ جذباتي ڪيفيت ۾ هئي.