ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ناياب نسل جي ڪمين جي اسمگلنگ ناڪام، هڪ جوابدار گرفتار، ان ڏس ۾ وائلڊ لائيف کاتي جي ٽيم گذري جي مبارڪ مسجد وٽان ناياب نسل جون 33 ڪميون هٿ ڪري جوابدار سعد کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته خيابان نشاط تي ڇاپو هڻي وڌيڪ 5 ڪميون هٿ ڪيون ويون. انسپيڪٽر محمد نعيم موجب هٿ ڪيل ڪميون بليڪ پائون نسل جون آهن، هڪ ڪمي جي قيمت 70 هزار کان هڪ لک تائين آهي. اهي ڪميون چينين کي وڪرو ڪيون وينديون آهن.