حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لطيف آباد جي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس 2 ڏينهن اڳ گهر ۾ لڳل ڌاڙي ۾ ملوث عورت سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڊي ايس پي لطيف آباد پريس ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪئي ته 6 آڪٽوبر تي اويس يوسفزئي جي گهر ۾ ٽن نامعلوم ڦورن ڪاهه ڪئي ۽ والدين کي يرغمال بڻائي 45 هزار رپيا روڪ رقم، موبائيل فون ۽ سونا زيور کڻي فرار ٿي ويا هئا. واقعي جي رپورٽ داخل ٿيڻ بعد جاچ شروع ڪندي متاثر اويس جي سس مسمات راحيلا کي گرفتار ڪيو جنهن انڪشاف ڪيو ته هن خيرپور مان ماڻهن کي گهرائي ڄاڻايل واردات ڪرائي آهي. پوليس موجب عورت جي نشاندهي تي خيرپور واسي دانيال رند ۽ سعيد احمد چانڊيو کي خيرپور پهچي گرفتار ڪيو ۽ سندن قبضي مان ڦر ڪيل 62 گرام سون به هٿ ڪيو آهي. پوليس موجب جوابدارن جي قبضي مان واردات ۾ استعمال اسلحو ۽ آلاپ به هٿ ڪيا ويا آهن.