ڳڙھي حسن (ن پ ا) ڪوئٽا جي دشت واري علائقي مان 23 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿيل سرن جي بٺي تي مزدوري ڪندڙ 14 ورھين جو عبدالصمد ڌوئو آزاد ٿي گهر پهچي ويو آهي، ان حوالي سان نينگر ٻڌايو ته بٺي تان نشو ڏئي مونکي اڻڄاتل جوابدار ڀنگ لاءِ اغوا ڪري ويا هئا، زنجيرن سان ٻڌي نا معلوم هنڌ رکيو ويو، پئسا نه ملڻ تي تشدد به غريب سمجھي جوابدار ڇڏي ڏنو آهي.