بلوچستان جي ٽن شهرن ۾ دستي بم حملا، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 5 زخمي

0
90

ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي ٽن شهرن ۾ دستي بم حملن ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، 5 زخمي ٿي پيا

ڪوئيٽا جي اسپيني روڊ تي دستي بم ڌماڪي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو،  علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو

 ايس ايس پي آپريشنز جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب مارجي ويل شخص واٽهڙو هو، ڊيرا الهيار جي ڀٽي ڦاٽڪ وٽ دستي بم حملي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا

جڏهن ته  تربت شهر ۾ به دستي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، چيف اليڪشن ڪمشنر بلوچستان ۾ بم ڌماڪن جو نوٽيس ورتو، بلوچستان جي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس کان رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي

جڏهن ته اليڪشن ڪميشن پاران 8 فيبروري تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، ترجمان اليڪشن ڪميشن موجب 8 فيبروري تي عام چونڊن سبب سموري ملڪ ۾ عام موڪل هوندي

 بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه صوبن ۾ امن جي خراب صورتحال بابت اليڪشن ڪميشن جو اڄ اهم اجلاس ٿيندو، نگران وفاقي گهرو وزير، گهرو سيڪريٽري، ٻنهي صوبن جا چيف سيڪريٽريز، آءِ جيز ۽ انٽيليجنس ادارن جا نمائندا شرڪت ڪندا

 اجلاس ۾ ٻنهي صوبن ۾ اليڪش جي موقعي تي امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ورتي ويندي

 چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون، چونڊون دير سان ڪرائڻ جي ڪا به تجويز غور هيٺ ناهي