ڪنڌڪوٽ:ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن وٽ قيد ٿيل مغوي نينگر صدام شاهه ۽ امان الله ڀٽي جي وارثن لطف شاهه ۽ ٻين ٻڌايو ته ٻئي ڄڻا  گبلو جي ڪچي واري علائقي مان اغوا ٿيا آهن.گبلو جي ايس ايچ او وٽ ويا آهيون ته اهو اسان سان ملڻ لاءِ تيار ناهي  ۽ ڪيس درج ڪرڻ تي پري جي ڳالهه پر پوليس اسان جي اين سي به داخل نه ٿي ڪري، هنن مطالبو ڪيو ته مغوي بازياب ڪرايا وڃن. ٻي طرف  ڪنڌڪوٽ بدامني خلاف آل پارٽيز موومينٽ طرفان چيئرمين وڪيل عبدالغني بجاراڻي جي سربراهي ۾ گهنٽاگهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان سلسلي ۾ اڳواڻن وڪيل عبدالغني بجاراڻي،دلمراد ڏاهاڻي،اڪرم باجڪاڻي،سجاد بروهي،خان محمد ملڪ،ابراهيم خاڪي ۽ ٻين چيو ته ضلعي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، غيرمحفوظ بڻيل آهيون، نوٽيس وٺي امن قائم ڪرايو وڃي.