سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ عطائي ڊاڪٽر جي مبينا طور غفلت سبب عورت فوت، وارثن طرفان ذميوار خلاف ڪارروائيءَ جو مطالبو. اِن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب سکر جي علائقي قريشي ڳوٺ ۾ بجاراڻي چوڪ جي رھواسڻ 37 سالن جي عورت منور خاتون زال نظير حسين مبينا طور تي عطائي ڊاڪٽر جي غفلت سبب فوت ٿي وئي. فوتي عورت جي وارثن الزام مڙھيندي چيو آھي ته عطائي ڊاڪٽر جي غلط انجيڪشن سبب منور خاتون جي طبيعت خراب ٿي وئي. ان بعد عورت کي علاج لاءِ نجي اسپتال کڻائي پھتاسين ته ڊاڪٽرن ٻڌايو ته عورت فوت ٿي چڪي آھي. ھنن صحت کاتي توڙي پوليس جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته عطائي ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف ڏنو وڃي.