ڪنڌڪوٽ پوليس پاران گذريل ڏينهن مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪوڙي نڪتي

0
319
ڪنڌڪوٽ جا بازياب ٿيل مغوي
ڪنڌڪوٽ پاران گذريل ڏينهن مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪوڙي نڪتي!!

ڪنڌڪوٽ: گذريل ڏينهن پوليس پاران مغوين کي بازياب ڪرائڻ واري دعويٰ ڪوڙي ثابت ٿي، مغوين جي وارثن دانهيندي چيو ته ڌاڙيل مغوين جي ڪوڙي بازيابي واري ميڊيا تي خبر ڏسي اسان جي مغوين کي وڌيڪ تڪليف ڏئي رهيا آهن، هنن هاڻ ڀنگ جي رقم 11 لک مان وڌائي ڇڏي آهي. مغوين جي وايث حفيظ شاهه چيو ته مغوين رابطو ڪيو آهي ته ڌاڙيل ڪالهه واري خبر ميڊيا تي ڏسي مارڪٽ ڪري رهيا آهن جلد ڀنگ جا پئسا ڏئي اسان جي جان ڇڏرايو. سڀاڻي تائين مغوي بازياب نه ٿيا ته اسين احتجاج ڪنداسين.