ڪنري پوليس زميندار وٽان 9 ھاري بازياب ڪرائي ورتا، ھڪ ھاري مبينا طور گم

0
387
زميندار وٽان 9 ھاري بازياب
ڪنري پوليس زميندار وٽان 9 ھاري بازياب ڪرائي ورتا، ھڪ ھاري مبينا طور گم!

ڪنري: سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ جي حڪم تي ڪنري پوليس زميندار حاجي امير حسن خاصخيلي جي مبينا نجي تي ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارن سميت 9 ھارين کي بازياب ڪرائي ڪنري ٿاڻي تي آندو. بازياب ٿيل هارين ۾ ھارين ۾ پارو، مولچند، چاندي، پرڪاش ڪولھي ۽ ٻيا شامل آھن. بازياب ٿيل ھارين مان ھڪ ھاري لڇمڻ ولد پريم ڪولھي مبينا طور گم، ھارين پاران زميندار تي الزام هڻندي چيو ويو ته زميندار مارڪٽ ڪري اسان جي نوجوان کي گم ڪري ڇڏيو آهي، شڪ آھي ته کيس ماري ڇڏيندا. جڏهن ته پوليس جو چوڻ هو ته اسان جي ڪارروائي دوران لڇمڻ اتي ڪونه ھو ۽ اسان کي ڪانه مليو. ٻئي پاسي زميندا امير خاصخيلي جو موقف هو ته لڇمڻ ڪولھي منھنجو ھاري ڪونه آھي ۽ ھاري ڊرامو ڪن پيا، سياسي مخالفن جي چوڻ تي ڊرامو رچايو پيو وڃي. پوليس سڄي ڳوٺ وارن جي سامھون ھارين کي کڻي وئي آھي. لڇمڻ جي گم ڪرڻ جا الزام ڪوڙا آھن.