سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 2734 ڪيس ظاهر، 29 مريض فوت

0
287
سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 2734 نوان ڪيس ظاهر
سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 2734 ڪيس ظاهر، 29 مريض فوت!

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 2734 نوان ڪيس ظاهر، 29 مريض حياتيون وڃائي ويٺا.5729 مريضن ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتيابي ماڻي ورتي آهي. ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڪورونا وائرس بابت انگ انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته هن وقت 46939 مريض علاج هيٺ آهن. جن مان 45416 مريض گهرن ۾، 38 مريض آئسوليشن سينٽر، 1485 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. هن چيو ته 1312 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. 99 مريض وينٽيليٽر تي آهن. 24 ڪلاڪن ۾ رڳو ڪراچي ۾ 2053 ڪيس سامهون آيا آهن. حيدرآباد ۾ 162، مٽياري ۾ 66، ٺٽي ۾ 46، ڄامشوري ۾ 41، ٿرپارڪر ۾ 39، شهيد بينظير آباد ۾ 33، بدين ۾ 31، عمرڪوٽ ۾25، ٽنڊو محمد خان ۾ 13، لاڙڪاڻي ۾ 12، گهوٽڪي ۽ سجاول ضلعن ۾ 10-10، ميرپور خاص ۾ 6، سانگهڙ ۾ 5، ڪشمور ۾ 3، ڏاڍو، نوشهروفيروز ۽ خيرپور ۾ 2-2 ۽ جيڪب آباد ۾ وڌيڪ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي.