ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ڀرسان ڳوٺ شهزادو گولو واسي گم ٿيل نوجوان ميران بخش گولو جو پتو نه پئجي سگهيو آهي، ان حوالي سان نوجوان جي والد جاڳڻ گولو ٻڌايو ته ڌاڙيلن نوجوان جي بازيابي لاءِ 10 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي، هن ٻڌايو ته پٽ 6 ڏينهن کان گم هو، پٽ پنهنجي موبائيل نمبر تي فون ڪري 10 لک ڀنگ ڏيڻ جو چيو آهي، هن چيو ته اسان غريب آهيون، ڀنگ جا پئسا ڪٿان آڻينداسين؟ نوٽيس وٺي پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي.