راڄوخاناڻي (ن پ ا) ٽنڊوالھيار جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ 5 مھينا اڳ مبينا طور قتل ٿيل ناري شمينا ڀيل جي قبر ڪشائي سول جج ماتلي سعيد احمد اوٺو جي نگرانيءَ ۾ راڄوخاناڻي لڳ پير حامد شاھ قبرستان ڀيل اسٽاپ وٽ ڪئي وئي آھي، جتي ميڊيڪل بورڊ ڊاڪٽر قربان علي شاھ جي نگراني ۾ پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش جا جزا ورتا. قبر ڪشائيءَ واري جاءِ تي ٽنڊوالھيار ۽ راڄوخاناڻي پوليس جا اٽالا موجود هئا. فريادي ميھار ڀيل جو چوڻ آھي ته سندس ڌيءَ کي مڙس ۽ سھري گھٽا ڏيئي قتل ڪيو، بعد ۾ واقعي کي خودڪشي قرار ڏنو ويو ھو، جنھن خلاف ھن ڪيس داخل ڪرايو آھي.