ڪنڌرا (ن پ ا)ڪنڌرا لڳ روشن آباد ۾ رڪشا ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمهون سامهونٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا موٽر سائيڪل سوار مير ذاڪر ٽالپر ۽ وجي ڪمار شديد زخمي ٿي پيا، روڊ حادثي ۾ ڪنڌرا جي محلي ٽنڊي علي آباد جو رهواسي مير ذاڪر ٽالپر جي ڄنگ اڌ مان ٻه ٽڪر ٿي وئي، ٻنهي زخمين مير ذاڪر ٽالپر ۽ وجي ڪمار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.