حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لطيف آباد ۾ بندش باوجود شادي تقريبن جي اجازت ڏيڻ واري معاملي جو ايس ايس پي عبدالسلام شيخ نوٽيس وٺندي بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او اقبال عباسي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته اسسٽنٽ ڪمشنر لطيف آباد صائمه فاطمه ايس او پيز جو جائزو وٺڻ لاءِ لطيف آباد جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو. دوري دوران هن يونٽ نمبر 5 ۾ شادي جون رٿيل ٻه تقريبون بند ڪرايون جڏهن ته تقريبن جي اجازت بابت معلومات ورتي جنهن دوران شادين جي حوالي سان تقريبون ڪندڙ ماڻهن اي سي لطيف آباد کي ٻڌايو ته کين بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او اجازت ڏني آهي تنهن تي اي سي ڄاڻايل ايس ايچ او جي شڪايت ايس ايس پي کي ڏني هئي. ايس ايس پي معاملي جو نوٽيس وٺندي بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او اقبال عباسي کي معطل ڪري لائين حاضر ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي امان الله ميراڻي کي بي سيڪشن ٿاڻي تي نئون ايس ايچ او پڻ مقرر ڪيو آهي.