ڪنڊيارو(ن پ ا)ڪنڊيارو ۾ڳوٺاڻي جمن سولنگي ۽ عبدالرزاق ٻرڙو پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ نيشنل پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته ڳوٺ طرف وڃي رهيا هئاسين ته هٿياربندن اسان کان روڪ رقم ڦر ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي هو اسان کي ڌڪ هڻي مرڻينگ ڪري ويا. هنن چيو ته مزاحمت بعد هٿياربندن جون ٻٽون لهي ويون، ڦرڪندڙن ۾ دين محمد، اعظم ۽ گلاب خلاف ڪنڊيارو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڦر ڪندڙن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.