کھڙا (ن پ ا ) کهڙا ڀرسان ڳوٺ بگا ڪوري جي رهواسين علي گل ڪوري، ٻانهون، غلام شبير ، رفيق احمد، گل حسن ڪوري احتجاج ڪندي چيو ته 2 سال اڳ محب علي ماڇي کان هڪ ايڪڙ، 16 گهنٽا زرعي زمين خريد ڪئي، کاتو اسان وٽ آهي، صوبيدار منظور ماڇي، سندس ڀائر محمد بخش، اشفاق ۽ لطيف ماڇي زبردستي زمين تي قبضو ڪرڻ گهرن ٿا، جوابدارن اسان تي حملو ڪري فائرنگ ڪرڻ بعد سخت تشدد ڪري زمين مان ڀڄائي ڪڍيو، اهڙو ڪيس کهڙا ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي پر پوليس پنهنجي پٽي ڀائين جي ونگاروهندي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن مان هڪ به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو