ڪنهن سان به دشمني ناهي، اشرف غني ۽ امرالله صالح سوڌو سڀني لاءِ عام معافي آهي: خليل حقاني

0
336
ڪنهن سان به دشمني ناهي

ڪراچي(م ڊ) افغان طالبان جي مرڪزي اڳواڻ خليل الرحمان حقاني جو چوڻ آهي ته هاڻي ڪنهن سان به دشمني ناهي، اشرف غني، امر الله صالح ۽ حمد الله محب سوڌو سڀني جي لاءِ عام معافي آهي.

پاڪستان جي هڪ نيوز چينل سان ڳالهائيندي خليل الرحمان حقاني جو چوڻ هو ته آمريڪا سان دشمني ۾ اسان اڳرائي نه ڪئي هئي ۽ اڻي به نه ڪري رهيا آهيون، آمريڪا اسان جي مذهب ۽ ملڪ سان زيادتي ڪئي ته مجبور ٿي  بندوق کنئي. هن چيو آهي ته افغانستان جو هڪ منظم نظام ٺهندو، جنهن ۾ سموريون تنظيمون ۽ تعليم يافته ماڻهو شامل هوندا، قوم کي متحد ڪرڻ وارن کي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويندو.

طالبان اڳواڻ افغانستان ڇڏي وڃڻ وارن کي پيغام ڏنو ته ٻاهر نه وڃن، هتي ئي رهي ڪري ملڪ جي خدمت ڪن، دشمن توهان کي ڊيڄارين ٿا ته امارات اسلامي وارا توهان کي سزائون ڏيندا، اسلام امن جو دين آهي، هتي سڀني کي هڪ جهڙ حق ملندا ۽ ڪنهن سان به نه انصافي نه ٿيندي.

خليل الرحمان حقاني جو چوڻ هو ته سمورا ملڪ ۽ مسلمان ملڪن جي لاءِ پيغام آهي ته پنهنجي ماڻهن کي حق ڏين چاهي ان جو واسطو ڪنهن به مذهب سان هجي، جن ماڻهن جا حق بڻجن جا اهي انهن کي فراهم ڪنداسين..

ھي به پڙھندا

اشرف غني جي ڀاءُ حشمت غني پاران طالبان جي حمايت جو اعلان