ھالا ۾ عورت جو ڦاھو کاڌل لاش ھٿ، مڙس ۽ سھرو گرفتار

0
362

هالا(ن پ ا) هالا ۾ نواب شاهه واسڻ رضيه ماڇي جو گهر مان ڦاهو ڏنل لاش هٿ، پوليس قتل جي شڪ ۾ عورت جي مڙس ۽ سهري کي گرفتار ڪري ورتو، عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال منتقل ڪيوويو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته مڙس طرفان پيڪن ڏانهن وڃڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي عورت آپگهات ڪري ڇڏيو، کيس چئن ٻارن جو اولاد هو، پوليس قتل جو شڪ ظاهر ڪندي چيو آهي ته عورت جي مڙس ۽ سهري کان پُڇاڳاڇا جاري آهي، موت جا ڪارڻ پوسٽ مارٽم بعد معلوم ٿيندا.