مڙس بنا نڪاح جي گهر ۾ ٻي عورت کي ويهاري ڇڏيو: زال جون دانهون

0
377
مڙس بنا نڪاح جي گهر ۾

ٺاروشاھ(ن پ ا) ٺاروشاھ  جي رهواسڻ پاڪ ڪتاب کڻي ۽ معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري مڙس جي زيادتين خلاف پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو، ڳوٺ قاسم وسطڙو جي رهواسڻ مسمات آمنا وسطڙو احتجاج ڪندي چيو ته منهنجو مڙس جانو عرف عتيق وسطڙو ٻي شادي شده عورت کي بنا نڪاح جي گهر ۾ ويهاري مون کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي گهران ڪڍي ڇڏيو. هن چيو ته مان معصوم ٻار وٺي ماءُ جي گهر رهان ٿي، مڙس نه ٻارڙن جي پڙھائي لاءِ خرچ ٿو ڏيئي ۽ نه ئي کاڌ خوراڪ جو ڪو خرچ ٿو ڏيئي.

متاثر عورت چيو تھ مڙس ٻي مائي کي منهنجو ڏاج جو سامان ۽ منهنجو گهر جو ڪمرو به ڏئي ڇڏيو، پوليس کي شڪايت ڪئي ته پوليس به هن سان ٻٽ بڻجي وئي.عورت چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏھن سندس مڙس خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ۽ انصاف نه ٿيو ته هوءَ ايس ايس پي نوشھروفيروز جي آفيس آڏو پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندي.

ھي به پڙھندا

ڪراچي: ٻيھر شادي کان انڪار تي عورت اڳوڻي مڙس مٿان تيزاب ھاري ڇڏيو