ڪراچي: ٻيھر شادي کان انڪار تي عورت اڳوڻي مڙس مٿان تيزاب ھاري ڇڏيو

0
841
ٻيھر شادي کان انڪار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ناگن چورنگي ۾ ٻيهر شادي کان انڪار تي عورت اڳوڻي مڙس مٿان تيزاب هاري ڇڏيو، زخمي عثمان سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل، عثمان جي وارثن جو چوڻ آهي ته شبانه ٻن ڇوڪرن ذريعي اڳوڻي مڙس کي هوٽل تي گهرايو، جنهن بعد مٿس تيزاب هاري ڇڏيو.

عورت پاڻ به تيزاب لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي، عثمان 9 مهينا اڳ شبانه کي طلاق ڏني هئي، شبانه مٿس ٻيهر شادي لاءِ زور ڀري رهي هئي، انڪار تي اڳوڻي مڙس مٿان تيزاب هاري ڇڏيو، واقعي کان فوري پوءِ جوابدار شبانه ٿاڻي تي پهتي ۽ مڙس تي تيزاب هارڻ جو الزام هنيو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار عورت شبانه مڙس تي تيزاب هاري سندس خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جي سازش ڪئي هئي.