ڪنري: ڊرائيور جو معصوم پٽ جا گڙدا فيل، واھر جي اپيل

0
353

ڪنري(ن پ ا) ڪنري جي فائربرگيڊ گاڏي جي ڊرائيور جي معصوم پٽ جا گڙدا فيل ٿي ويا، ڊاڪٽرن پاران 20 لک روپيا خرچ گھرڻ تي نينگر جا والدين پريشانين جو شڪار ٿي ويا، هنن وس وارن کي واھر جي اپيل ڪئي آهي.

ٽائون ڪميٽي ڪنري جي فائربرگيڊ گاڏي جي ڊرائيور بلوچ پاڙي واسي محمد اسلم بلوچ جو 15 ورھين جو معصوم نينگر غلام مصطفيٰ بلوچ گذريل ٽن سالن کان بيمار آهي.

غلام مصطفيٰ بلوچ جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن پاران سندس ٻئي گردا فعل ٿيڻ جو علاج لاءِ 20 لک روپيا ٻڌايو آهي، علاج لاءِ پئسا نه آهن.

نينگر جي والد اسلم بلوچ چيو ته غريب آھيان، پٽ جو تمام گھڻو علاج ڪرايو آھي پر صحتياب ناهي ٿي سگھيو، گھر جو الهه تلهه وڪڻي مختلف ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن مان علاج ڪرايو آھي، ھاڻ ڊاڪٽر 20 لک روپيا گھرن پيا،

هن وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته پٽ جي علاج ۾ مدد ڪن.