ڊي جي آءِ ايس آءِ ڪابل ويو ته ڀارت ڇو واويلا پيو ڪري: شيخ رشيد

0
178
حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ

ڪراچي(م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي ڪابل جَي دوري تي ڀارت ڇو واويلا ڪري رهيو آهي.

طور خم باردر وٽ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن کي به اعتراض ناهي، سياسي قيادت جَي دوري بابت وزير اعظم ٻڌائي سگهي ٿو، پاڪستاني اختيارين طالبان سان ٽي ٽي پي بابت ضرور ڳالهايو هوندو.

گهرو وزير چيو ته مستونگ ڌماڪو آپگهاتي هو، پرڏيهي قوتن جي ملوث هُجڻ بابت في الحال ڪجهه نٿو چئي سگهجي، ڀارت افغانستان ۾ 60 ٽريننگ ڪيمپس لڳائي اين ڊي ايس کي تربيت ڏني پر طالبان صورتحال ئي تبديل ڪري ڇڏي، ڀارت کي افغانستا ۾ تمام وڏي شسڪت ملي آهي.