ڪنري (ن پ ا) ڪنري جي صفائي عملي جي پگھارون، پينشن نه ملڻ ۽ ٻين مطالبن بابت سول ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي تي ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي جھانزيب آرائين، ٽائون آفيسر صمد لغاري، اسسٽنٽ ڪمشنر جنيد عالم ۽ صفائي عملو پيش ٿيو، عدالت گذريل ٻڌڻي تي ڏنل آرڊر تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ايڊمنسٽريٽر جھانزيب آرائين کي سزا طور ھٿڪڙيون ھڻائي ويھاري ڇڏيو، ٿوري وقفي بعد ٻيھر ٻڌڻي دوران ايڊمنسٽريٽر طرفان 10 ڏينھن اندر صفائي عملي کي پگھارون ۽ پينشن ڏيڻ جي لکت ۾ خاطري ڪرائڻ بعد ھٿڪڙيون کولائي ٻڌڻي 10 آڪٽومبر تائين ملتوي ڪئي وئي، عدالت ايڊمنسٽريٽر ۽ ٽائون آفيسر ڪنري کي شوڪاز نوٽيس جاري چيو ويو ته اڳ عدالتي حڪم تي عمل نه ڪيو، هاڻي 10 ڏينھن ۾ عمل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي، عدالت طرفان ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ، ڪمشنر ميرپورخاص، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ کان پڻ معاملي جي رپورٽ طلب ڪئي وئي، ٽائون انتظاميا عدالت کي ٻڌايو ويو ته ڊي سي عمرڪوٽ طرفان مليل حڪمن موجب سواءِ پگھارن جي ٻيو ڪو به بل صحيح نٿا ڪري سگھو، جڏھن ته ڊيلي ويجز ملازم ڪانٽيجينسي ۾ اچن ٿا اهي بل ڊي سي طرفان منظوري نه ملڻ سبب پگھار نه ڏئي سگھياسين، جنھن سبب ملازم ھڙتال تي هليا ويا. ٻڌڻي دوران اي سي ڪنري جنيد عالم پاران عدالت کي يقين ڏياريو ويو ته ڊيلي ويجز ملازمن جي فورن تصديق ڪري پگھار ڏياري رپورٽ پيش ڪئي ويندي.