ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڪرايل ريفرنڊم ۾ لکين ماڻهن ووٽ ذريعي مطالبو ڪيو  آهي ته بجلي جي بلن ۾ شامل ڪي ايم سي جو ميونسپل ٽيڪس،  فيول ايڊجسٽمنٽ چارج سميت ٻيا ٽيڪس ختم ڪيا وڃن، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هاءِ ڪورٽ پاران ڪي ايم سي کي ڪي اليڪٽرڪ ذريعي ميونسپل ٽيڪس اوڳاڙڻ  کان روڪڻ ڪراچي جي عوام جي ڪاميابي آهي، هن چيو ته مرتضيٰ وهاب ڪي اليڪٽرڪ ذريعي  ڪي ايم سي جا 3 ارب اوڳاڙي ڪي اليڪٽرڪ کي وصولين جا 22 ڪرُوڙ ڏيڻا ڪيا هئا،هن چيو ته مرتضي وهاب 3 اربن جي وصولي تي واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙڻ بدران سنڌ حڪومت کان پڇي ته اها صوبائي فنانس ڪميشن ڇو نٿي ٺاهي؟