ڪنب ۾ ٻن ڌرين ۾جهيڙو، خوف سبب شھر بند

0
218

ڪنب(ن پ ا) شھر جي مکيا بازار ۾ سبزي فروش دڪاندارن ۽ سبزي منڊي جي ٺيڪيدار جي ماڻھن وچ ۾ مبينا ٽئڪس مامري تان جھيڙو ٿي پيو، لٺيون سروٽا ۽ ٺونشا لڳڻ سبب 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جھيڙي دوران وسيم گوپانگ, خالد, نعيم ۽ برڪت اڄڻ, مبارڪ گوپانگ سميت 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا ۽جھيڙي بعد خوف ڇائنجي ويو جنهن سبب شهر بند ٿي ويو،اطلاع تي ڪنب پوليس جھيڙي واري ھنڌ پھچي زخمين کي کڻائي اسپتال پھچائي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته مامري جي جاچ ڪئي پئي وڃي.