جوھي ۾ ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي سوگهو ڪري ورتو

0
238

جوھي (ن پ ا) جوھي لڳ ڏھ مينھون ڦر ڪري ويندڙ ڦورو عارف جمالي کي ڳوٺاڻن سوگهو ڪري ورتو، جهن کي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، ڦلجي وليج ٿاڻي حد ۾ 3 هٿياربند 10 مينهون ڦري ڪيو جنهن دوران ڳوٺاڻن مڙسي ڪري هڪ جوابدار کي پڪڙي ورتو، جڏهن ته ٻه ڄڻا فرار ٿي ويا، پوليس موجب عارف جمالي ۽ يامين جمالي سميت ٽن جوابدارن تي ڪيس داخل ٿيو آھي، جوابدار ڦرلٽ، چوري ۽ ٻين وارداتن ۾ ملوث آهي.