اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت سي ڊي اي ورڪرز ويلفيئر فنڊ ۾ ڪرپشن واري ڪيس ۾ سينيٽر عبدالقادر سميت 12 ڄڻن مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 18 مئي جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي، عدالت سمورن جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ موجود رهڻ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، واضح رهي ته سينيٽر عبدالقادر ۽ ٻين مٿان سي ڊي اي ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي فنڊ ۾ 4 ڪروڙ 66 لک رپين جي ڪرپشن ڪرڻ جو نيب ريفرنس ۾ الزام لڳايو ويو آهي.