ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ويجهو کرڙو شاخ تي هٿياربندن پاران گدرا کڻي ويندڙ گاڏين مٿان فائرنگ، هٿياربند گدرن جي واپاري ڪيول ڪمار کي گاڏي مان لاهي اغوا ڪري ويا. خبر موجب هٿياربندن روڊ بلاڪ ڪري مختلف ڳوٺن مان گدرا لوڊ ڪري اسلام آباد کڻي ويندڙ مزدا گاڏين کي روڪي ڊرائيورن کان موبائيل فون ۽ لکين رپيا روڪ رقم ڦر ڪرڻ بعد واپاري ڪيول ڪمار کي اغوا ڪري ويا، جڏهن ته هڪ ڊرائيور پاران گاڏي نه بيهارڻ تان هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ مزڊا گاڏي جا ٽائر برسٽ ٿي پيا. اطلاع تي پوليس واقعي واري پهتي پر هٿياربند فرار ٿي ويا. ڊرائيور ٻڌايو ته ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار پنج هٿياربندن گاڏي روڪي تشدد ڪرڻ بعد واپاري کي اغوا ڪيو.