ڪرونڊي: ڌاڙيلن نوجوانن تي تشدد ۽ آڱر ڪٽڻ واري ويڊيو وارثن کي اماڻي ڇڏي

0
368
ڪرونڊي: ڌاڙيلن نوجوانن

ڪرونڊي (ن پ ا) ڪراچي مان اغوا ٿيل ڪرونڊي واسي 2 ڄڻا بازياب نه ٿي سگهيا، ڌاڙيلن نوجوانن تي تشدد ۽ آڱر ڪٽڻ واري ويڊيو وارثن کي اماڻي ڇڏي

ڪرونڊي واسي طاهر حسين مغل ۽ افتخار سومرو ڪراچي مان اغوا ٿي ويا هئا، گذريل ڏينهن کان وٺي وارثن کي ويڊيوز موڪليون پيون وڃن، نوجوان طاهر مغل تي تشدد ۽ پئسا گهرڻ واريون نيون وڊيوز وارثن کي اماڻيون ويون آهن

مغوين تي تشدد جي ويڊيوز مالڪن کي اماڻي 30 لک روپين جي گهر پڻ ڪئي وئي، وڊيوز ۾ نوجوان طاهر مغل جون آڱريون ڪٽيندي ۽ مغوين مٿان سخت تشدد ڏسي سگهجي ٿو

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته نوجوانن کي زنجيرن سان جڪڙي تالا هڻي نوجوانن تي تشدد ڪيوپيو وڃي، جڏهن ته مغوين جا وارث  ميڊيا کي ڪجهگ به ٻڌائڻ کان لنوائي رهيا آهن

علائقي ۾ چوٻول آهن ته طاهر حسين مغل تافتان ۾ ڪجهه ڌرين سان سامان وغيره جي ڏيتي ليتي ۽ ڪاروهنوار ڪندو هو، رقم نه ڏئي سگهڻ سبب کيس رقم جي وصولي لاءِ کنيو ويو آهي، جڏهن ته افتخار سومرو هن سان گڏ هجڻ ڪري اغوا ٿيو آهي

ھي به پڙھندا

 

ڪرونڊي واسي 2 ڄڻا ڪراچي مان مبينا اغوا، 30 لک ڀُنگ طلب