سڪرنڊ ۾ پيار پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج

0
262
سڪرنڊ ۾ پيار پرڻو

سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ۾ پيار پرڻو ڪندڙ جوڙي چاندني سولنگي ۽ علي بخش سولنگي  احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان ڪورٽ ۾ پيار جي  شادي ڪئي آهي، جنهن تي وارث مارڻ چاهين ٿا

  چاندني سولنگي ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو آهي ته  منهنجو پي صدورو سولنگي  زبردستي مون کي وڪرو ڪرڻ پئي چاهيو، ان ڪري مان گھران ٽن ڪپڙن ۾ نڪري راضي خوشي سان پنهنجي مائيٽ علي بخش سولنگي سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي

هن چيو ته مان پنهنجي مڙس سان خوشي واري زندگي  گذاري رھي آھيان، مون کي منهنجي مڙس ۽ ساھرن کي منهنجو پي صدورو سولنگي ۽ ڀيڻيوا ذاڪر مان جان جو خطرو آهي، هو اسان کي مارڻ چاهين ٿا، مون کي ۽ منهنجي مڙس ۽ ساھرن کي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار اهي ئي هوندا