لاڙڪاڻو: ٻن شهيد اهلڪارن جي وارثن وٽ ميڙ منٿ قافلو پهچي ويو

0
169
لاڙڪاڻو: ٻن شهيد اهلڪارن

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ وڏا مهر ۾ اي ايس آءِ سميت 2 اهلڪارن جي شهادت واو معاملي تي مهر برادري جي چڱن مڙسن ۽ علائقي واسين تي ٻڌل سوين ماڻهن تي ٻڌل ميڙ منٿ قافلو کڻي شهيدن جي وارثن وٽ پهچي ويا

ديدار جتوئي، لياقت مهر ۽ سيد زاهد بخاري جي اڳواڻي ۾ ميڙ ڳوٺ شادڻ جتوئي ۾ شهيد سپاهي نواب جتوئي جي وارثن سان مليو ۽ ساڳيو ميڙ ڳوٺ حسين آباد ۾ پهچي شهيد اي ايس آءِ مظفر کوسو جي وارثن وٽ به پهتا

ڏوھ مڃي ميڙ ٿي پهتا آهيون، حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، ڳالهيون ڪيو، ميڙ جي شهيد اهلڪارن جي وارثن کي منٿ

شهيدن جي وارثن ميڙ کي ڪجهه ڏينھن ۾ صلاح مشورو ڪري ورندي ڏيڻ لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي

شهيد نواب جو ڀاءُ صبحان جتوئي جو چوڻ آهي ته 200 ماڻهن تي ٻڌل ميڙ آيو هو، چڱن مڙسن کي ڪجهه ڏينهن ۾ ورندي ڏيڻ لاءِ چيو آهي

واضح رهي ته 13 ڊسمبر تي ڳوٺ وڏا مهر ۾ چڙهائي دوران مبينا ڏوهاري راجو مهر مارجي ويو هو، راجو مهر جي وارثن فائرنگ ڪري اي ايس آءِ سميت 2 اهلڪارن کي شهيد ڪيو هو