ڪرونڊي واسي 2 ڄڻا ڪراچي مان مبينا اغوا، 30 لک ڀُنگ طلب

0
403

ڪرونڊي (رپورٽر) ڪرونڊي واسي 2 ڄڻا ڪراچي مان مبينا طور اغوا ٿي ويا، اغوا ڪارن نوجوانن تي تشدد ۽ پئسا گهرڻ واري وڊيو وارثن کي اماڻي ڇڏي

ڪرونڊي واسي طاهر حسين مغل ۽ افتخار سومرو  اغوا ٿي ويا، مغوين تي تشدد جي وڊيو  مالڪن کي اماڻي 30 لک روپين جي گهر پڻ ڪئي وئي آهي

وڊيو ۾ ڪوه تافتان جي لوڪيشن ڏيکاريل آهي وڊيو ۾ مغوين مٿان سخت تشدد به ڏسي سگهجي ٿو، نوجوانن کي زنجيرن سان جڪڙي تالا هڻي نوجوانن تي تشدد ڪيو پيو وڃي

نوجوانن جا وارث ڪراچي جي مبينا ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ ويا ته پوليس کين ڪوئٽا ۾  ايف آءِ آر  ڪرڻ لاءِ چيو

علائقي ۾ چوٻول آهن ته طاهر حسين مغل تافتان ۾ ڪجهه ڌرين سان سامان وغيره جي ڏيتي ليتي ۽ ڪاروهنوار ڪندڙ هو، رقم نه ڏئي سگهڻ سبب کيس رقم جي وصولي لاءِ کنيو ويو آهي، جڏهن ته افتخار سومرو ساڻس گڏ هجڻ ڪري اغوا ٿيو آهي