اسلام آباد (م ڊ) انسٽيٽيوٽ فار پبلڪ اوپينين ريسرچ پاڪستاني عوام جي راءِ تي ٻڌل سروي جاري ڪري  ڇڏيو. عوامي سروي موجب 33 سيڪڙو پاڪستانين اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف تي ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ جي حوالي سان اعتماد جو اظهار ڪيو. سروي ۾ 30 سيڪڙو ماڻهن موجودا وزير اعظم عمران خان تي اعتماد ظاهر ڪيو،  16 سيڪڙو ماڻهن بلاول ڀٽو زرداري تي اعتماد جو اظهار ڪيو، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان تي 3 سيڪڙو پاڪستانين اعتماد ظاهر ڪيو. ان کانسواءِ 68 سيڪڙو پاڪستانين اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي ڏيهه  واپس اچي عدالتن کي منهن ڏيڻ جي صلاح ڏني.