ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سڌ سماءُ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم سان گڏجي مڪاني نظام  خلاف احتجاج ڪندڙ جي ڊي اي  وارا متحده کان پڇاڻو ڪن ته غيرمقامين جو ڪراچي تي قبضو نامنظور جا بينر ڪنهن لاءِ هنيا ويا آهن؟   ڇا جي ڊي اي وارا متحده  جي انهي موقف سان سهمت آهن يا وري  اختلاف رکن ٿا؟  ايم ڪيو ايم جو دور ختم ٿي ويو آهي، ڪراچي جا شهري پ پ پ ۾ شامل ٿي رهيا آهن،  سن ۾ جي ايم سيد جي سالگرهه ملهائڻ کان ڪنهن روڪيو ناهي ، پي ٽي آءِ وارا مني بجيٽ تان عوام جو ڌيان هٽائڻ لاءِ سنڌ ۾ احتجاج جو ڊرامو رچائي رهيا آهن ، پي ٽي آءِ وارا گهوٽڪي مان لانگ مارچ ڪن پر سنڌ جو عوام گيس جي بندش  ۽ مهانگائي خلاف  سخت رد عمل ڏيندو، ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي ڪاميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وزيراعظم سچ چيو آهي ته ملڪ تي  مافيائن جو قبضو آهي  جن جو سربراهه عمران خان پاڻ آهي ،   ڪوهه مري ۾ ڦاٿل ماڻهو رڙيون ڪندا رهيا پر ڪا به حڪومتي واهر نه پهتي  ۽ واقعي کانپوءِ ڪنهن به استعيفا نه ڏني .هن چيو ته سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪتو چڪي ٿو ته ان جو ذميوار بلاول ڀٽو، وزيراعليٰ سنڌ ۽ پ پ پ کي قرار ڏيندا آهن، جڏهن ته مري ۾ فوت ٿيندڙ 23 ماڻهن جو ذميوار انتظاميا کي قرار ڏنو  پيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني سوال ڪيو ته گذريل ڏينهن شاهراهه فيصل تي جيڪو احتجاج ٿيو، اهو  پيٽرول، بجلي ۽ گيس جي اگهن ۾ واڌ خلاف هو يا انهي کان ڌيان هٽائڻ لاءِ هو، هن چيو ته ڪينٽونمينٽ بورڊ ۽ اين اي 249 جي چوندن ۾ هارائيندڙ پارٽيون ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ شڪست جو منهن ڏسنديون، انهي خوف کين روڊن تي احتجاج لاءِ آندو آهي،  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان مڪاني ادارن کي مالي، انتظامي ۽ سياسي طور تي بااختيار بڻايو آهي. سنڌ جي گورنر سميت اپوزيشن جون تجويزون بل ۾ شامل آهن  هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته هڪ ايم پي اي واري جماعت  100 ايم پي ايز واري پارٽي کي چئي رهي آهي ته اسان جو قانون ٺاهيو،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪي سموريون پارٽيون  گڏجي ڪري هڪ هزار ماڻهو گڏ نه ڪري سگهيون، اهي گهوٽڪي کان لانگ مارچ جي ڳالهه پيون ڪن ، اهي ڀلي پنهنجو شوق پورو ڪن جڏهن هو گهوٽڪي مان نڪرندا ته گئس جي بحران ۽ مهانگائي جو شڪار عوام سندس احتساب ڪندو. مصطفيٰ ڪمال بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهي يوسي کٽڻ جي پوزيشن ۾ به ناهن. ٻئي طرف سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ حڪومت جي مضبوط مڪاني نظام کي تڪراري بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، اهڙيون ڪوششون اهي ماڻهو ڪن پيا، جيڪي مڪاني اليڪشن مان ڀڄڻ چاهين ٿا. هن چيو ته هن شهر ۾ ڪو وڏيرو ناهي، آئون پاڻ ڪراچي شهر جو پٽ آهيان.