ڪرن جوهر بگ باس جي نئين سيزن ۾ ميزباني لاءِ تيار

0
141

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جو ڀلوڙ هدايتڪار ۽ ميزبان ڪرن جوهر بگ باس جي نئين سيزن ۾ ميزباني لاءِ تيار آهي. ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ هدايتڪار ڪرن جوهر کي مشهور ريئلٽي شو بگ باس لاءِ ميزباني ملي وئي آهي ۽ هو ايندڙ سيزن ۾ بگ باس جي ڊجيٽل قسطن جي ميزباني ڪندو. ڀارتي اسٽريمنگ پليٽ فارم ووٽ تان ڪرن جوهر جي هڪ تصوير پڻ شيئر ٿي آهي جنهن ۾ اطلاع ڏنو ويو آهي ته ڪرن جوهر ميزبان طور بگ باس او ٽي ٽي جو حصو بڻجي ويو آهي.