عائزا خان ڪورونا جا ٻئي ڊوز لڳرائي ڇڏيا

0
197

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڊرامن ۾ بهترين اداڪاري سان سڀني کي پنهنجو ديوانو بڻائيندڙ اداڪارا عائزا خان عالمي وبا ڪورونا وائرس کان بچاءَ جي لاءِ ويڪسين جا ٻئي ڊوز لڳرائي ڇڏيا.سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي متحرڪ رهندڙ اداڪارا عائزا خان پنهنجي تصديق ٿيل اڪائونٽ تي پنهنجي ڪورونا ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي تصوير شيئر ڪئي.شيئر ڪيل تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ان پنهنجو پاڻ ۽ ويجهن ماڻهن کي ڪورونا وبا کان بچائڻ لاءِ ڪورونا جا ٻئي ڊوز هڻائي ڇڏيا آهن.عائزا خان ڪورونا جا ٻئي ڊوز لڳرائڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.