خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ مجلسن جو سلسلو جاري، ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش. خبر موجب خيرپور ضلعي ۾ 9 محرم الحرام تي به مجلسن جو سلسلو جاري رهيو. ان حوالي سان مرڪزي امام بارگاهه انجمن حيدري ۽ امام بارگاھ فيض حسيني ۾ مولانا سيد شبيهه الرضا الحسيني، مولانا منظور حسين سولنگي ۽ فدا حسين يزداني خطاب ڪندي چيو ته ڪربلا ۾ حضرت امام حسين عه پنهنجي ساٿين کي اجازت ڏني ته جيڪو چاهي هليو وڃي پر امام سڳوري جي سمورا ساٿي ثابت قدم رهيا ۽ انهن سندن آواز تي لبيڪ چوندي شهادت ماڻي اسلام کي بچايو. ان ڪري سندن ثابت قدمي ۽ ۽ حق گوئيءَ کي سموري انسان ذات لاءِ مثالي نمونو قرار ڏنو وڃي ٿو. امام بارگاهه قصر حسيني ۽ مرڪزي امام بارگاهه لقمان ۾ مولانا سيد باقر حسين زيدي خطاب ڪندي چيو ته حضرت امام حسين عه 9 محرم الحرام تي يزيدين کي ٻڌايو ته اسان نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي اولاد آهيون، حضرت امام حسين قيامت تائين يزيد جي بعيت نه ڪندو. ان کان علاوه مختلف امام بارگارهن ۾ مجلسن کي علامه مستجاب حيدر عابدي، علامه غلام باقر ڏهراج، مولانا سيد عالم شاهه موسوي، علامه شيخ وزير علي ۽ ٻين مجلس کي خطاب ڪندي چيو ته حضرت امام حسين عه اسان سڀني لاءِ روشنيءَ جو مينار آهي، سندن حيات شاهڪار آهي، جنهن تي عمل ڪندي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ماڻي سگهجي ٿي.