ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) ڪراچي ۾ قومي جي 22 ۽ سنڌ اسيمبلي جي 47 سيٽن لاءِ اسٽيج تيار، پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي، جي يو آءِ، پي ٽي آءِ، متحده پاڪستان، متحده لنڊن، جي ڊي اي، اي اين پي، ٽي ايل پي   سميت مختلف سياسي پارٽين جا 1995 اميدوار ميدان ۾ لٿل، ان ڏس ۾ ورتل جائزي موجب عام چونڊن ۾ ڪراچي جي 22  قومي سيٽن تي 582 ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي 47 سيٽن تي 1413 اميدوار چونڊ وڙهندا، قومي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان جا (نشان لغڙ) 19، متحده لنڊن ( مختلف نشان ) جا 19، پيپلز پارٽي جا (تير) 21، جماعت اسلامي جا (ساهمي)  22، ٽي ايل پي جا (ڪيرين) 22، پي ٽي آءِ جا (مختلف نشان) 22، نواز ليگ جا (شينهن)17، ايم ڪيو ايم حقيقي جا (ميڻ بتي) 7،  جمعيت علماءِ اسلام جا (ڪتاب) 3، اي اين پي( فانوس)  جا 12،، جي ڊي اي ( تارو) جا 11 ، استحڪام پاڪستان پارٽي ( عقاب ) جي 11اميدوارن سميت 582 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهي، جڏن ته سنڌ اسيمبلي جي 47 تڪن تي 1413 اميدوار چونڊ وڙهي رهيا آهن، جن ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جا 39،  پ پ جا 47، جماعت اسلامي جا 46، ٽي ايل پي جا 47، پي ٽي آءِ جا 46، نواز ليگ جا 39،  ايم ڪيو ايم حقيقي جا 15، جمعيت علماءِ اسلام جا 7، متحده لنڊن جا 36، اي اين پي جا 26، جي ڊي اي جا 27 ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جا 25 اميدوار مختلف تڪن تي زور آزمائي ڪندا.