ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي، ڀتي خوري ۾ ملوث 5 جوابدار گرفتار، رينجرز ۽ پوليس ڳجهي اطلاع تي پراڻي گوليمار واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري جوابدار ارسلان عرف مٺو سنڌي، محمد بلال عرف بلو، اويس عرف پٺاڻ، ضمير ۽ محمد حمزه کي گرفتار ڪيو. رينجرز ترجمان موجب جوابدار ڀتي خوري، ڦر، اسٽريٽ ڪرائيم جي 200 کان وڌيڪ وارداتن ۾ ملوث آهن، سندن قبضي مان منشيات ۽ هٿيار هت ڪيا ويا آهن، جوابدارن اعتراف ڪيو آهي ته هو ڪاشف ڊاڊا جي منشيات جي اڏي تي ڪم ڪندا آهن، جوابدار منشيات فروش گروهه جي ڪارندن تي فائرنگ ڪري انهن کي زخمي ۽ قتل ڪرڻ وارن واقعن ۾ به ملوث آهن