ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي طرفان ڪراچي ۾ پاور شو ڪيو پيو وڃي، ايئرپورٽ جي اولڊ ٽرمينل تي جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن، جلسي کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا

جلسي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آھن، جڏھن تھ جيالا وڏي انگ ۾ ايئرپورٽ پھچڻ شروع ٿي ويا آھن

ڪراچي جي مڙني علائقن مان قافلا ايئرپورٽ پھتل آھن، پي ايس 91 تان محمود عالم ڄاموٽ، جان عالم ڄاموٽ، امير جت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بھ قافلو اولڊ ايئرپورٽ پھتو