ڪراچي ۾ ماڙيپور بس اڏي تي سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، داعش جا 2 دهشتگرد گرفتار

0
389

ڪراچي: ڪراچي ۾ ماڙيپور بس اڏي تي سي ٽي ڊي جي ڪارروائي دوران داعش جا 2 دهشتگرد گرفتار، سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته نسيم الله ۽ محمد عيسيٰ  افغانستان مان دهشتگردي جي تربيت ورتي هئي.

دهشتگرد هٿيار هلائڻ ۽ بارودي مواد ذريعي ڌماڪي ۾ مهارت رکندا آهن، دهشتگرد نسيم الله مارجي ويل ٻن دهشتگردن حفيظ پندراڻي ۽ محمد صديق جو ناٺي هو، دهشتگردن جون ڌيئرون هٿيارن جي چُرپر ۾ پنهنجي مڙس جي مدد ڪنديون هيون.